تر مئڻ

تر مئَڻ: شاديءَ جي موقعي جي هڪ رسم. ساٺ/ سنوڻ گهوٽ ۽ ڪنوار جي اڳيان تِرن جو ڀريل ٿالهه رکي، ان ۾ کارڪون وِڌيون وينديون آهن. پوءِ ڪنوار ان مان ٻُڪ ڀري، گهوٽ جي ٻُڪ ۾ لاهيندي آهي ۽ گهوٽ، ٻُڪ ڀري، ڪنوار جي ٻُڪ ۾ وجهندو آهي. اهو عمل ٽي يا ٽن کان وڌيڪ ڀيرا ڪبو آهي. سنڌ جي ڪن علائقن ۾ ترن بدران چانورن جو ٿالهه ڀري رکيو ويندو آهي. ترن مئڻ وقت عورتون ’ساٺ ڳيا‘ چونديون آهن، مثال طور: ”جيترا تِر مئيندي، اوترا پُٽ ڄڻيندي!. “


لفظ تر مئڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو